ڀيٽاري واري جنگ

ڀيٽاري واري جنگ: هيءَ جنگ ڇاڻي واري وڏي جنگ کان ڪجهه پوءِ پتن ۽ سنڌ جي انتظامي اٽالي جي وچ ۾ ڀيٽار جي اُتران ”ٻني“ ۾ رڻ جي دنگ تي لڳي. شاعر چڱو جت ان وقت حيات هو ۽ هُن هِن جنگ تي بيت چيا. بيتن ۾ ڏنل اهڃاڻن، مالڪڏني فقير جت جي وضاحت ۽ جنگ نامي جي لکت موجب ماڻهن ۾ مقابلي جو سبب هن طرح معلوم ٿئي ٿو.
ميان غلام شاهه ڪلهوڙي ڪڇ تي چڙهائي ڪري پنهنجي فوجي طاقت ڄمائي هئي. سندس وفات کان پوءِ ڪلهوڙا حاڪم ڪمزور ٿيا ۽ سنڌ جي سرحدن تي ٻيا قابض ٿيا. سنڌ سان لاڳيتو ڪڇ ۾ جت طاقتور هئا، جيڪي ڪڇ جي راءِ سان ٻِٽُ هئا. ڪلهوڙن جي آخري دور کان وٺي ٽالپرن جي اوائلي دؤر تائين اهي سنڌ ۽ ڪڇ جي سرحد تي خودمختيار ۽ طاقتور رهيا. انهيءَ طاقت جي زور تي ئي ملڪ شير خان جت آخرڪار سنڌ جي نئين حڪومت سان طاقت آزمائي ڪئي ۽ ”ڇاڻي“ واري جنگ لڳي. ان جنگ ۾ لاکاڻي جت ڪين وڙهيا ۽ ٻيا ڪي ”اوٺاڙي“ جت ڀڳا. ”مٺاڻي“ وڙهيا، پر منجھانئن هڪ مڙس نِبَهندو عالياڻي ميدان مان ڀڳو، پر ڀلجي ويو ۽ ست ڀيرا ”ڇاڻ“ ٽپيو. ساڻن ٻيو راڄ ”متون“ جو هو. ميان غلام شاهه واري وقت ۾ انهن تي سالياني داڻبندي يا ٻئي ڪنهن حساب سان رقم ٻڌي ويئي. جيڪاڪلهوڙن جي زوال واري دور ۾ هنن ڪانه ڏني، پر ٽالپرن جي حڪومت ۾ نئين سر سرحدن تي انتظام ٿيا، جنهن موجب ڪو کٽياڻ فوجدار، لُنڊن ۽ کوسن جو مختصر اٽالو ۽ منشي ساڻ ڪري ”لوڻي“ ڏانهن روانو ٿيو ۽ اتي لاکاڻي جتن کان ماليات وصول ڪيائين. اها خبر سڀ کان پهريائين جيوي نالي لاکاڻيءَ کي پئي، تنهن سڀني کي ٻڌايو. هي موقعو ڏسي مڙس تيار ٿيا ته مقابلو ڪن ۽ ”ڇاڻي، واري ميار لاهين. منداڻي جتن مان به ڪي ساڻن شامل ٿيا، جن ۾ عارب، سؤتڪ ۽ سهراب همٿ ڀريا هئا. نبهندي عالياڻيءَ جو پوٽو شير نالي همٿ ڀريو جوان ساماڻو هو، سو به اچي پهتو ۽ چيائين ته:آءٌ سر به ڏيندس ۽ ڏاڏي جي ميار به لاهيندس. پوءِ هنن ٻار ٻچا ٻئي پاسي روانا ڪري ڇڏيا. جتن کان سواءِ متوا، واڍا توڙي پاڙي ۾ويٺل مينگھواڙ پاڻ سان گڏي ”لوڻي“ کان هليا ۽ ” ڀٽاري“ جي ويجھو اچي گس جھلي ويٺا ته جيئن ئي سنڌ وارا رهمڪي کان اچن ته هي مٿن حملو ڪن. رهمڪي بازار کان جيڪا واٽ لوڻي ڏانهن ويندي هئي، ان تي رڻ کان پريان پهريون پِيائو (پاڻي پيئڻ جي منزل) ڀٽارو هو، جنهن تي مَنداڻي جت ويٺل هئا.
هي اڳواٽ جنگ جي تياري ڪري ويٺا هئا. جڏهن سنڌ وارا ويجھا ٿيا ته هنن کي خبر پئي ته انهن ۾ ڪي ته دفتري منشي ۽ عملي جا ماڻهو آهن، باقي سپاهه ايترو گھڻو ڪونهي. جڏهن هو رڻ وارو پنڌ ڪڍي اچي ڀٽار جي اترئين طرف رڻ جي ڪنڌيءَ تي پهتا ته ڀٽاري ۾ پاڻي پي ۽ ساهي کڻي اڳتي لوڻي ڏانهن روانا ٿي ته هنن مڙسن دير ئي ڪانه ڪئي ۽ مٿن حملو ڪيائون، جنهن ۾ عارب منداڻي سامهون لُنڊ ٻروچ کي ماريو ۽ پاڻ به مئو ۽ شير عالياڻي کٽياڻ کي ماريو ۽ پاڻ به مئو. کوسا جيڪي کٽياڻ جي اٽالي ۾ هئا، سي ميدان ۾ ڪين بيٺا. پر کٽياڻ جي اڳواڻي ۾ لُنڊ ۽ ٻيا جيڪي مڙس هئا، سي آخر تائين ميدان ۾ بيٺا ۽ جتن، متون، واڍن ۽ مينگھواڙن مان گھڻن کي مارايائون. سنڌ جو باقي بچيل اٽالو لاشا کڻائي پوئتي موٽيو. جتن ۽ ٻين کي ٻئي طرف کڻائي ”ٻُرڪر جي تڙ“ کان اتر ۽ ”لوڻي جي تڙ“ کان ڏکڻ دفن ڪيائون. بودل شينهن به هن مقابلي ۾ ماريو. هو درويش قبيلي جو هو، سو هن مقام تي ”شهيدن جو مقام“ نالو پيو.


هن صفحي کي شيئر ڪريو